ڄام نواز علي (رپورٽ: امداد علي بلوچ) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجنو مگسي ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم ۾ 50 سالن جي ڊيلا مگسي ۽ 40 سالن جي الله بچايو مگسي ڪهاڙين جا وار ڪري بي دردي سان قتل، عورت جو لاش بنا ڪفن ۽ بنا جنازي دفن ڪرڻ جا چؤٻول، هڪ ڄڻو مبينا اغوا، واقعي جو 6 ڄڻن تي ڪيس داخل، نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ مجنو مگسي ۾ پسند جي شاديءَ لاءِ گهران نڪتل جوڙي کي ڪارنهن الزام ۾ 50 سالن جي ڊيلا مگسي ۽ 40 سالن جي الله بچايو مگسي کي جوابدارن ڪهاڙين جا وار ڪري بي درديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي نئون آباد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ٽنڊوآدم آندا. پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ٿيل الله بچايو مگسي جي قتل جو ڪيس نئون آباد ٿاڻي تي مقتول جي ماءُ جي فرياد تي قتل ۽ اغوا جو ڪيس 6 ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي . قتل ڪيس ۾ مک جوابدار قادربخش مگسي، عبدالعزيز مگسي، شفيع محمد مگسي، جڏهن ته مقتول الله بچايو ۽ سندس ڀاءُ گل شير مگسي جي اغوا ڪيس ۾ شفيع محمد مگسي، عبدالعزيز مگسي، قادر بخش مگسي، گلشير ولد عزيز مگسي کي نامزد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته پوليس ڪيس ۾ نامزد عبدالعزيز مگسي، ولي محمد مگسي، بخش علي مگسي سميت چار جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس پاران مک جوابدار قادربخش مگسي جي گرفتاريءَ لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا جاري آهن، مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو.