اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) مختلف وزارتن ۽ مامرن بابت سينيٽ جي ڪل 38 اسٽينڊنگ ۽ فنڪشنل ڪاميٽين کي غير فعال ٿئي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو، 38 اسٽينڊنگ ڪاميٽين مان 22 اسٽينڊنگ ڪاميٽيون مخالف ڌر ۽ 16 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جون چيئرمينيون حڪومتي ڌر کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي تفصيل موجب 11 مارچ 2021ع تي سينيٽ مان 52 ميمبر رٽائرڊ ٿي وڃڻ سبب مختلف وزارتن توڙي مامرن بابت سينيٽ جون ڪل 38 اسٽينڊنگ ۽ فنڪشنل ڪاميٽيون غير فعال ٿي ويون هيون، جن کي اڄ 12 مارچ تي هڪ مهينو مڪمل ٿي ويو آهي، ذريعن مطابق پارلياماني روايتن کي سامهون رکي ميمبرن جي حساب سان حڪومت توڙي مخالف ڌر وچ ۾ 38 اسٽينڊنگ ۽ فنڪشنل ڪاميٽين مان 22 ڪاميٽين جون سربراهيون مخالف ڌر جڏهن ته 16 ڪاميٽين جي سربراهي حڪومتي ڌر کي ڏيڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي پر ڪهڙين ڪاميٽين جي سربراهي حڪومت ۽ ڪهڙين ڪاميٽين جي سربراهي مخالف ڌر کي ڏني ويندي بابت اڃا تائين مامرا طئي نه ٿي سگهيا آهن جن تي مخالف ڌر ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن، ذريعن ٻڌايو آهي ته مخالف ڌر کي ملندڙ 22 اسٽينڊنگ ڪاميٽين مان يوسف رضا گيلاني جي سربراهي ۾ مخالف ڌر جي ڌڙي کي 12 جڏهن ته نواز ليگ جي اعظم نذير تارڙ جي سربراهي ۾ آزاد مخالف ڌر جي ڌڙي کي 10 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي سربراهي ملڻ جو امڪان آهي، پيپلزپارٽي کي ملندڙ 12 اسٽينڊنگ ڪاميٽين مان دلاور خان جي سربراهي ۾ 6 آزاد ميمبرن پاران قائم ڪيل گروپ پيپلز پارٽي کان 3 اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي چيئرميني گهري ورتي آهي، جڏهن ته هڪ اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي چيئرمين جماعت اسلامي ۽ هڪ اي اين پي کي ڏيڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن کان پوءِ پيپلز پارٽي جي ميمبرن کي 7 ڪاميٽين جي سربراهي ملڻ جو امڪان آهي، ذريعن مطابق سينيٽ جي هر اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ 14 ميمبر مقرر ٿيندا، پي ٽي آءِ جي سينيٽ ۾ مقرر ٿيل چيف وهپ فدا محمد خان چيو آهي ته سينيٽ چيئرمين عمري تي ملڪ کان ٻاهر ويل آهي، اهو جيئن ايندو ته حڪومتي توڙي مخالف ڌر جي ميمبرن وچ ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ اسٽينڊنگ ڪاميٽين جي مامري کي حتمي صورت ڏني ويندي.