ڪراچي(رپورٽ: اياز بروهي ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو بحريا ٽائون انتظاميه پاران قديمي ڳوٺن کي ڊاهڻ واري معاملي جو نوٽيس وٺي وڏي وزير مراد علي شاهه کي فوري طور ڪارروايون روڪرائڻ ۽ انڪوائري جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن،ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران پنهنجي اخبار پاران پڇيل سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته آئون ڪراچي جي اين اي 249 جي اليڪشن ۾ مصروف هئس، سوشل ميڊيا ذريعي مونکي جيئن ئي ڳوٺن واري معاملي جو پتو پيو ته مون وڏي وزير کي هدايت ڪئي ته ڳوٺن خلاف ڪاررايون بند ڪرايون وڃن ۽ ان معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي. جيستائين انڪوائري رپورٽ نه ٿي اچي، تيستائين ڪابه ڪارروائي نه ٿئي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ بحريا ٽائون جون جيڪي حدون مقرر ڪيون آهن، اسان انهن ۾ ڇيڙ ڇاڙ نٿا ڪري سگهون، اسان کي سپريم ڪورٽ وارا پئسا ناهن مليا، اها رقم متاثر ڳوٺاڻن جي سهائتا تي خرچ ڪئي ويندي. هوڏانهن سنڌ هاءِ ڪورٽ ملير ضلعي جي قديمي ڳوٺ نور محمد گبول تي بحريه ٽائون پاران قبضي خلاف درخواست تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض ۽ ايس ايس پي ملير سميت ٻين ڌرين کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن،عدالت بحريا ٽائون کي ڳوٺ ۾ ڪنھن به قسم جي تعمير يا ڀڃ ڊاھ کان به روڪي ورتو آهي. ڪالهه مراد بخش گبول پاران سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست جي فوري ٻڌڻي جي استدعا منظورڪندي ايس ايس پي ملير ۽ ايس ايچ او گڏاپ ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي جواب به طلب ڪري ورتو آهي. مقامي ڳوٺاڻي مراد بخش گبول وفاقي گھرو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر ملير، ايس ايس پي ملير ۽ بحريا ٽائون جي مالڪ ملڪ رياض کي ڌربڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته بحريا ٽائون انتظاميه پاران قديم ڳوٺ نور محمد گبول تي قبضو ڪيو پيو وڃي، گذريل 3 ڏينھن کان پوليس جا اٽالا ڳوٺ پھچي گھر خالي ڪرائڻ جو چئي رھيا آھن. درخواستگذار جي وڪيل انور سولنگي عدالت کي ٻڌايو ته نور محمد گبول سنڌ جو قديمي ڳوٺ آھي، جنھن جو کاتو پڻ ٺھيل آھي، پوليس ۽ بحريه ٽائون کي ڳوٺ تي قبضو ڪرڻ کان روڪيو وڃي.