ملير (رپورٽ: ناز شر) ملير جي قديمي ڳوٺن ۽ زمينن تي بحريا ٽائون جي والار جو سلسلو جاري، ڳوٺاڻا بلڊوزرن آڏو ليٽي پيا. خبر موجب گڏاپ ۾ بحريا ٽائون پاران قديمي ڳوٺن تي چڙھاين ڪالهه چوٿين ڏينهن به جاري رهيو. بحريا ٽائون انتظاميا جي سيڪيورٽي ۽ پوليس اٽالن سان درياهه خان گبول ڳوٺ تي چڙهائي ڪري گهر ڊاهڻ جي ڪوشش ڪئي ته سوين ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري آيا، جن احتجاج ڪندي ملڪ رياض ۽ بحريه ٽائون انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ڳوٺاڻا بلڊوزرن آڏو ليٽي پيا. ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي بحريا ٽائون جي سيڪيورٽي گارڊن ۽ پوليس ڳوٺاڻن تي هٿيار تاڻي ورتا پر ڳوٺاڻن مزاحمت ڪندي بلڊوزرن کي روڪي ورتو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت بحريا ٽائون انتظاميا صرف 16 هزار ايڪڙ زمين تي ڪم ڪري سگهي ٿي پر عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي ڳوٺاڻن جي هزارين ايڪڙ زمين ۽ سوين ڳوٺن تي قبضي جون ڪوششون جاري آهن، جنهن سبب ڳوٺاڻا پنهنجي ئي ڌرتي تان بيدخل ٿي رهيا آهن. ڳوٺاڻن جي سخت احتجاج باوجود سنڌ حڪومت ڪنهن به قسم جو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي، ڳوٺاڻن چيو ته 13 سالن کان سنڌ تي پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، ان باوجود اسان پنهنجي اباڻي زمين ۽ ڳوٺن کان محروم ٿي رهيا آهيون. اسان لاءِ بحريا ٽائون اسرائيل ٿي ويو آهي ۽ اسان فلسطينين وانگر جيئڻ تي مجبور آهيون. هنن وڌيڪ چيو ته اسان کي مجبور نه ڪيو وڃي ته هتي بلوچستان جهڙي صورتحال پيدا ٿئي ۽ اسان کي پنهنجا حق وٺڻ لاءِ هٿيار کڻڻا پون.