هالا (ن پ ا) اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ چيو آهي ته پنهنجي چيل ڳالهه تي هاڻ به قائم آهي. ڪير سمجهي و ته اهڙو ڪو واقعو ناهي ٿيو ته پوءِ پريشاني جي ضرورت ناهي ۽ نه ئي ٽرينڊ هلائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته فروغ نسيم قانوندان طور هڪ شريف ۽ سٺو ماڻهو آهي ۽ ان جي لاءِ جوڊيشل انڪوائري ڪرائڻ سولو آهي. پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي بشير ميمڻ چيو ته وزيراعظم عمران خان خلاف چيل لفظن تي قائم آهيان، منهنجي ڳالهين تي عدالتي، پارلياماني ڪاميٽي کان انڪوائري ڪرائي وڃي هر فورم تي پنهنجو موقف ثبوتن سان ظاهر ڪندس. قاضي فائز عيسي’خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي انڪار کانپوءِ وزيراعظم عمران خان کيس تنگ ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي ڪابينا جي وزيرن ۽ معاونن پاران منهنجي سرڪاري ڪمن ۾ خوامخواهه مداخلت ڪرائي وئي ۽ سياسي پارٽين خاص طور مسلم ليگ نواز جي اڳواڻن نواز شريف، شهباز شريف، مريم نواز، سميت سندن خاندان ۽ پارٽي جي اهم اڳواڻن خلاف ملڪ دشمن سميت مني لانڊرنگ جا هٿرادو ڪيس داخل ڪرڻ ۽ کين گرفتار ڪرڻ لاءِ زورڀريو ويو. انڪار بعد مداخلت جي ڪري وقت کان اڳ نوڪري تان استعيفا پڻ ان جو ڪارڻ آهي، بشيرميمڻ چيو ته وزيراعظم جي معاون خصوصي شهزاد اڪبر پاران کيس جاري ڪيل ليگل نوٽيس ملي چڪو آهي ۽ هو انجو جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيان.بشير ميمڻ چيو ته پنهنجي ڊيوٽي دوران ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف ۽ موجوده وزيراعظم عمران خان سان به ڪيتريون ملاقاتون ڪيون آهن، عمران خان خلاف ڳالهائڻ تي شهزاد اڪبر، شهباز گل پاران منهنجي خلاف ڏنل بيانن کي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪندي عدالت ۾ ثبوت پيش ڪندس، بشيرميمڻ چيو ته سياست ڪرڻ ڪو ڏوهه ناهي ۽ نه ئي وري ڪا گار آهي ۽ ايندڙ چونڊن ۾ هو مڪمل طرح چونڊن جي ميدان ۾ لهندي پنهنجي ننڍي ڀاءُ نصير احمد ميمڻ جي سرعام ورڪ ڪندس. هن چيو ته مون پنهنجي ڊيوٽي دوران ڪنهن سان بي واجبيون ناهن ڪيون. آصف علي زرداري، خورشيد شاهه تي انڪوائري بعد ڪيس داخل ڪندي کين جيل اماڻيو ويو هو، اعتزاز احسن متعلق پڇيل سوال جي جواب تي هن چيو ته هو اعتزازاحسن تي ڪجهه به نه ڳالهائيندو ۽ هو انجي عزت ڪندو آهي هو هڪ وڏو نفيس انسان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي عدالتن تي مڪمل اعتماد ۽ ڀروسو آهي اميد ته ساڻس انصاف ضرور ٿيندو. باقي حڪومتي ڏنڊي جي زور تي سندس فيڪٽرين، بنگلن، زمينن تي چڙهايون ڪرڻ سان کين ڪجهه به حاصل نه ٿيو آهي ۽ نه وري ڪجه حاصل ٿيندن.