ملير (رپورٽ: نازشر) سنڌ حڪومت  پرڳڻي  جي مختلف ضلعن کان ملير آيل برسات متاثرن لاءِ نيو ملير هائوسنگ اسڪيم جي خالي پيل سيڪٽر 18 ۾ عارضي ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،  ان سلسلي ۾ ملير ڊپٽي ڪمشنر عرفان سلام ميرواڻي  ضلعي ڪائونسل جي عملدارن  سان گڏجي لنڪ روڊ لڳ ايم ڊي اي جي سيڪٽر 18 جي خالي پيل زمين تي انتظامن جو جائزو ورتو ڪالهه  کان  بلڊوزرن ۽ ٻي هيوي مشين وسيلي زمين جي سنوت ۽ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، هوڏانهن ايم ڊي اي جي چيف انجينئر پاران ڊي سي ملير کي لکيل اجازت نامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻوڏ متاثر جي سهولت لاءِ ايم ڊي اي جي سيڪٽر 18 جي زمين هڪ مهيني جي عارضي مدي لاءِ ڏني وئي آهي، ٻئي طرف ٽينٽ سٽي جي حوالي سان ڊي سي عرفان سلام ميرواڻي صحافين کي ٻڌايو ته  ٽينٽ سٽي ۾ پهرين مرحلي ۾ هڪ هزارکان وڌيڪ خيما لڳايا ويندا، مختلف رليف ڪيمپن ۾ ترسيل توڙي ٻاهر ويٺل متاثرن کي  ٽينٽ سٽي ۾ ترسائي  بنيادي سهولتون ڏنيون وينديون