ٺاروشاهه (ن پ ا) ٺاروشاهه ڀرسان ڳوٺ دائم سولنگي ۾ متاثرن جي امدادي ڪيمپ ۾ بک ۽ بيماري وگهي 9 سالا نينگري ماريا سولنگي فوت ٿي وئي، فوتي نينگري جي والد جان محمد سولنگي ٻڌايو ته برسات سبب گهر ڊھي وڃڻ جي ڪري امدادي ڪيمپ ۾ پناھ ورتي آھي، جتي کاڌ خوارڪ نه هئڻ ڪري معصوم نياڻي بيحال بڻجي وئي ۽ تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي،