ڪنب (ن پ ا) ٽالپر وڏا ڀرسان پيرسن ٻڏي فوت ٿي ويو. خبر موجب ڪنب ڀرسان ٽالپروڏا جي ڳوٺ دودوخان خاصخيليءَ ويجهو 60 سالن جو پيرسن پانڌي خان چاڪراڻي ٻڏي فوت ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي ڳوٺاڻن ڪجهه دير جي ڳولا بعد پيرسن جو لاش برساتي پاڻيءَ مان ڪڍي گهر پهچايو ته ڪهرام برپا ٿي ويو. واضح رهي ته ٽالپروڏا ۽ ڀرپاسي ڳوٺن مان 2 هفتا گذرڻ کان پوءِ به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آھي، بار بار شڪايتن باوجود انتظاميا ڪو تدارڪ نه ڪيو آهي. ياد رهي ته ٽالپروڏا ۽ ڀرپاسي 15 ڏينهن دوران 3 ڄڻا برساتي پاڻيءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي چڪا آھن.