نيوڇور (ن پ ا) نيوڇور عمرڪوٽ روڊ تي فوجي چوڪ ڀرسان رات دير سان ھٿيارن جي زور تي ٻن نامعلوم جوابدرن نيوڇور واسي ٽريڪٽر ڊرائيور مولچند ميگھواڙ کان روڪ رقم، موبائل فون ۽ شناختي ڪارڊ ڦر ڪئي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي مولچند سخت زخمي ٿي پيو، جوابدار فرار ٿي ويا. نيوڇور پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪئي، نه ئي ڪو ڪيس داخل ٿيو.