بدين/ گولارچي (نمائندا) بدين ضلعي جي آبادگارن جو آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير سهيل سيال اڳيان پاڻي کوٽ خلاف احتجاج سخت نعريبازي. صوبائي وزير احتجاج کي نظر انداز ڪري ڇڏيو. ان حوالي سان خبر موجب ھڪ ڏينهن جي دوري تي تعلقي شھيد فاضل راهو (گولاڙچي) پھتل صوبائي وزير سهيل انور سيال گذريل ڏينهن ايڪسين آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ارسا پنجاب کي سندس حصي کان 58 سيڪڙو وڌيڪ ۽ سنڌ کي ان جي حصي کان به 27 سيڪڙو گھٽ پاڻي ڏئي رهيو آهي، جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي نٿو پهچي. ارسا سنڌ سان لڳاتار زيادتي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ اپوزيشن ليڊر 1976 ۾ منظور ٿيل لفٽ مشين تي بيهي ڊرامو رچايو ته هي غيرقانوني لڳل آهي. هن چيو ته بين الصوبائي معاملن جي وفاقي وزير بدين مان تعلق رکي ٿي، هن جو فرض آهي ته صوبن وچ ۾ زيادتي نه ٿيڻ ڏي ۽ سنڌ جي حقن لاءِ ڳالهائي پر هوءَ چوي ٿي ته ارسا زيادتي نه پيو ڪري. صوبائي وزير دعويٰ ڪئي ته ورلڊ بينڪ جي تعاون سان اڪرم واھ جي ريماڊلنگ لاءِ نئين بجيٽ ۾ 80 ارب رپيا رکيا ويا آهن. جڏهن ته ايل بي او ڊي ۽ واٽر لائيننگ لاءِ 10 ارب رپيا رکيا آهن. ھن چيو ته اڪرم واھ تي 47 سيڪڙو ۽ نيو ڦليلي تي 39 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ آهي. پاڻي کوٽ ختم ڪرڻ لاء واھن جي کاٽي ڪرائي وئي آهي پر پاڻيءَ جي کوٽ تڏهن ختم ٿيندي جڏهن وفاق سنڌ کي ان جي حصي جو پورو پاڻي ڏيندو. ھن چيو ته پاڻي چورن خلاف آپريشن ڪري رھيا آھيون جتي به پاڻي چوري ٿئي ان جي وڊيو ڀري ڏني وڃي ته 72 ڪلاڪن ۾ ايڪشن کنيو ويندو. ان موقعي تي آبادگارن صوبائي وزير آڏو سخت احتجاج ڪيو ۽ پاڻي چوري خلاف نعريبازي ڪندي چيو ته اوھان جا چونڊيل نمائنداخود پاڻي چوري ڪري رھيا آھن. صوبائي وزير آبادگارن جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي ماني کائڻ ۾ مشغول ٿي ويو.