پيارو اسٽيشن(ن پ ا) پاٽ شريف ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڦورن 3 ڀاڳين کي رتو رت ڪري ڇڏيو، موٽر سائيڪل ڦُر ڪرڻ دوران ڦورن طاهر ميمڻ، مجاهد ميمڻ ۽ ارشد ميمڻ کي ڪهاڻيون ۽ ڏنڊا هڻي سخت زخمي ڪري وڌو، مزاحمت ڪندڙ پوليس پوسٽ پاٽ شريف دانهن کڻي پهتا، پوليس کين ليٽر ڏئي علاج لاءِ سول اسپتال دادو روانو ڪيو، زخمي ڌُر جو چوَڻ هو تہ موٽر سائيڪل وَٽ بيٺا هئاسين تہ ڦورن موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اسان مزاحمت ڪئي تہ هُنن اسان تي ڪهاڙين ۽ ڏنڊن سان حملو ڪري ڏنو، جڏهن اسان ٿاڻي تي وياسين تہ ڦورن پنهنجن ماڻهن سان گڏ اسانجي گهر تي بہ حملو ڪيو، هنن چيو تہ اسان ڦورن ۽ حملي آورن کي سڃاتو آهي ۽ ٿاڻي تي طوطو چانڊيو، شعبان چانڊيو، چاندي چانڊيو، شهباز عرف گونچو چانڊيو تي فريادي ارشاد چانڊيو جي فرياد تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، زخمين موجب اسان سان ظُلم ٿيو آهي، ڦر بہ اسان کان ڪئي پئي وئي ۽ حملو بہ اسانجي گهر تي ڪيو ويو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي.