عمرڪوٽ (رپورٽر) عمرڪوٽ ويجھو ڳوٺ عطا محمد پلي ۾ ساھرن ۾ زال وٺڻ لاءِ ويل غلام نبي شاهه جي ڳوٺ محمد علي شاهه جي نوجوان مگُھو ولد فتو ڪولھي جو مبينا ڦاھو کاڌل حالت ۾ لاش ملڻ واري واقعي خلاف وارثن پاران غلام نبي شاهه ۾ عمرڪوٽ روڊ تي لاش رکي ڌرڻو ھنيو. جڏھن ته رستو کولرائڻ لاءِ ايس ايچ او غلام نبي شاهه، سيد امداد شاهه پوليس اٽالن سان ڌرڻي واري جاءِ تي پھچي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ 6 ڪلاڪن تائين ڪوششون ڪيون پر وارثن ڌرڻو ختم نه ڪيو، وارثن ڪيس داخل ڪري جوابدارن جي گرفتاري تائين ڌرڻو ختم نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنھن بعد غلام نبي شاهه پوليس معاملي متعلق ايس ايس پي عمرڪوٽ کي آگاهه ڪيو جنھن تي فوتي جي والد کي گھرائي عمرڪوٽ تعلقي ٿاڻي تي فوتي نوجوان جي والد فتو ڪولھي جي فرياد تي ٻن ڄڻن ڀانئجي ڪولھي ۽ ڀڳوانو ڪولھي تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏھن ته عمرڪوٽ تعلقي ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيڻ بعد 6 ڪلاڪ کان لڳل ڌرڻو ختم ڪري فوتي جي لاش کي وارث کڻائي ويا، فوتي نوجوان جي وارث پيءُ فتو ڪولھي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته پٽ پنهنجي گهر واري کي وٺڻ لاءِ ساھرن ۾ ويو جتي منھنجي پٽ کي سندس ساهرن قتل ڪري ڇڏيو، اسان کي ٻڌايو ويو ته اوھان جي پٽ خودڪشي ڪئي آھي ۽ جڏھن واقعي واري ھنڌ پوليس پھتي ته لاش زمين تي پيل مليو ڪنھن به وڻ ۾ ٽنگيل نه ھو منھنجي ايس ايس پي عمرڪوٽ کي اپيل آهي ته جلد جوابدار گرفتار ڪيا وڃن نه ته اسان وري روڊ بند ڪنداسين.