نيوسعيدآباد ۾ برسات متاثرن جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

0
250
نيوسعيدآباد ۾ برسات

نيوسعيدآباد (رپورٽر) نيوسعيدآباد ۾ برسات متاثرن پاران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو  ھنيو ويو آھي، نيوسعيدآباد ۾ برسات متاثرن پاران پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف هاءِ وي ۽ باءِ پاس تي ڌرڻو ھنيو ويو آھي، جنھن جي ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي

ڌرڻي سبب ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ايمبولينسن سميت گاڏين  جون قطارون لڳي ويون

مظاھرين موجب  سئو کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ برسات ۽ سم  نالي جو پاڻي بيهڻ سبب ٻوڏ واري  صورتحال آهي

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ مختلف بيمارين ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 31ڄڻا فوت ٿي چڪا آھن، ڪيترائي ڍور  به مري ويا آهن

متاثر روڊن ۽ ڪيمپن تي بي يارو  مددگار ويٺل آهن، انتظاميه هن وقت  تائين ڪا سار ناهي لڌي، اسان جي واھر ڪئي وڃي

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ 24 ڪلاڪن دوران لاٿ نه آئي

سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگھي وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا