لاهور(م ڊ) سوشل ميڊيا تي ن ليگ جي عظميٰ بخاري ق ليگ جي مونس الاهي کي جواب ڏيندي ستن آسمانن جو سير ڪرائي ڇڏيو. مونس الاهي هڪ فوٽو شيئر ڪيو جنهن تي لکيل هو ته ماءُ پيءُ جي ڪيل تربيت ۽ استاد جي ڏنل تعليم ان وقت ضايع ٿي ويندي آهي جڏهن همراهه چوي ته منهنجو ليڊر نواز شريف آهي. ان تي مونس الاهي تبصرو ڪيو ته دلچسپ تبصرو آهي. جواب ۾ عظميٰ بخاري چيو ته توهان جي سموري خاندان جي سالن جي تربيت پهرين ئي غرق ٿي چڪي آهي، ڪڏهن عمران جي ٽي سي ڪرڻ مان فرصت ملي ته پنهنجي والد صاحب جي نواز شريف صاحب جي باري ۾ چيل وڏيون ڳالهيون يا ته پڙهي وٺو يا ڪنهن ڏينهن ابا جي سان گڏ ويهي ماضي کي ياد ڪري وٺو اسٽپني جي.