سنڌ ۾ وبائي بيمارين وگھي وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا

0
312

 

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي ٻوڏ متاثرعلائقن ۾ وبائي بيمارين وگهي ٻارن سميت ماڻهو مرڻ جو سلسلو بند نه ٿيو، اڄ وڌيڪ 10 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آھن

گولاڙچي ويجهو تيز بخار ۾ ٻن ٻارن دم ڏنو، شهدادڪوٽ جي اسپتال ۾ 40 ورهين جي وزيران چانڊيو مليريا سبب فوت، ڳڙهي حسن جي ڳوٺ رمضان جکراڻي ۾ نينگر خان جکراڻي مليريا وگهي دم ڏنو

لاڙڪاڻي ۾ قائم ٽنيٽ سٽي ۾ ٻوڏ متاثر سعدالله چانڊيو فوت ٿي ويو، ڀان سيد آباد جي ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ 2 ورهين جي افشان خشڪ گيسٽرو وگهي دم ڏنو

جيڪب آباد جي ڳوٺ ڀورو کوسو ۾ نينگر غلام مصطفيٰ ابڙو مليريا وگهي فوت ٿي ويو، خانواهڻ ۾ 8  ورهين جي نينگري رخسانا گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو

بڊاڻي واسڻ 10ورهين جي آمنا ڇڄڻ گيسٽرو وگهي فوت، فريد آباد ويجهو 6 سالن جو زمان تيوڻو گيسٽرو وگهي فوت ٿي ويو

ڪراچي ۾ قائم ڪيل 5 رليف ڪئمپن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ترسيل آهن:شرجيل ميمڻ

ڪي پي حڪومت مستعفي

ٻئي پاسي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ قائم ڪيل 5 رليف ڪئمپن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر ترسيل آهن

صوبائي وزير موجب ڪيمپس ۾ ترسايل سمورن ماڻهن کي ٻن ويلن جي ماني، دوائون، پاڻي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن

پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب ٿيل هاڃن جي سروي جاري آهي، سروي مڪمل ٿيڻ بعد سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن کي گهر ٺهرائي ڏيڻ ۾ به ڀرپور مدد ڪندي

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ٻوڏ متاثر اڌڙوٽ شخص مليريا ۽ بک وگهي فوت

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ 24 ڪلاڪن دوران لاٿ نه آئي