اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عدالت زال کي قتل ڪندڙ جوابدار شاهنواز امير کي 2 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت اسلام آباد ۾ صحافي اياز امير جي ننهن ڪينيڊا ڄائي ساره جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. پوليس مقتولا جي مڙس صحافي اياز امير جي پٽ شاهنواز امير کي عدالت ۾ پيش ڪيو. شاهنواز امير جي وڪيل چيو ته اهو بلائنڊ مرڊر آهي، هي قتل صرف الزام جي حد تائين آهي. ڪيس ۾ پهريون ريمانڊ آهي جنهن تي ڪوبه اعتراض نه آهي. پوليس عدالت کان 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي چيو ته جوابدار کان پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، هن پنهنجي ڪينيڊا ڄائي پاڪستاني گهر واري کي پرڏيهه مان گهرائي قتل ڪيو. پوليس مک جوابدار جي والدين اياز امير، ان جي گهر واري، جوابدار جي چاچي ۽ چاچِي جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي استدعا به ڪري ڇڏي.عدالت اياز امير ۽ ان جي گهر واري جي گرفتاري جي درخواست منظور ڪري ورتي. عدالت شاهنواز امير جي 10 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ جي استدعا رد ڪري صرف 2 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪري ورتو. ساره شاهنواز جي ٽئين گهرواري هئي، ذريعن موجب شاهنواز ساره کي پنهنجي ٻن شادين جي باري ۾ نه ٻڌايو هو، هو ان کان پئسا به گهرائيندو هو، ساره پنهنجي لاءِ هڪ گاڏي خريد ڪئي جيڪا شاهنواز دوکي سان پنهنجي نالي تي رجسٽرڊ ڪرائي جنهن تي ٻنهي ۾ جهيڙو ٿيو، ساره پنهنجا ڏنل پئسا گهريا ۽ گاڏي به سندس نالي ڪرڻ جي گهر ڪئي، جنهن تي شاهنواز ڪاوڙ ۾ اچي ساره کي قتل ڪيو، ذريعن موجب ڪئناڊا ۾ رهندڙ پنهنجي والدين کي ساره پنهنجي شادي جي باري ۾ نه ٻڌايو هو، ساره وٽ ڪئناڊا جي شهريت هئي، مقتولا جي چاچي ڪرنل رٽائرڊ اڪرام ۽ ضيا الرحيم الزام لڳائيندي چيو ته اسان جي ڀائيٽي ساره کي اياز امير ۽ ان جي اڳوڻي گهرواري قتل ڪرايو آهي. اسلام آباد ۾ شهزاد ٽائون پوليس صحافي اياز امير کي گرفتار ڪري ورتو.