اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جو قلم 124 اي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله تعزيرات پاڪستان ۾ بغاوت جو قلم 124 اي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي درخواست نه ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف اڳواڻ شيرين مزاري طرفان داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته بغاوت جو قلم پاڪستان جي آئين ۾ ڏنل بنيادي حقن سان ٽڪراءُ آهي. شيرين مزاري جو چوڻ هو ته مان 2020ع ۾ به بغاوت جي قانون جي حمايت نه ڪئي هئي. آئون نٿي چوان ته نواز شريف ۽ شهباز شريف غدار آهن پر ٻنهي کي ملڪ جي تڪليف سمجهه ۾ نٿي اچي، ملڪ کي نقصان پهچائيندڙن تي سوال ته اٿندا آهن.