اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر عارف علوي چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، اهو سنجيده معاملو آهي، سياستدانن ۽ پارليامينٽ کي ويهي طئي ڪرڻ گهرجي. نجي ٽي وي چئنل کي انٽرويو ڏيندي عارف علوي چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي عمران خان جي راءِ وضاحت سان اچي وئي آهي، آرمي چيف جي مقرري جي معاملي تي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، آرمي چيف جي مقرري وڏي اهميت رکي ٿي، صدر عارف علوي چيو ته آرمي چيف جي مقرري تي اپوزيشن جو موقف ٻڌڻ ۾ حرج ناهي، اپوزيشن ۽ حڪومت چونڊن بابت ڳالهيون ڪري معاملو حل ڪن. هن چيو ته يوڪرين جنگ کانپوءِ عالمي حالتون تبديل ٿيون، ٻوڏ بابت حڪومت سميت سڀ ڪوششون ڪري رهيا آهين، معيشت بحران جي ڪيفيت ۾ آهي، سڀ پارٽي متفق آهن ته ڪرپشن مسئلو آهي پر حل ڪير نٿو ٻڌائي، هن چيو ته چونڊن بابت ڳالهيون ڪري مسئلو حل ڪريو، آئون فيصلو نٿو ڪري سگهان، ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي ويهاري سگهان ٿو، وقت اچي ويو ته ڪنهن نتيجي تي پهچون، هڪ سوال تي هن چيو ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ لاڳاپا خراب ٿيا آهن ته اهو انهن جو ئي ڪم آهي ته درست به ڪن، جيڪي ڪالهه هڪ پيج تي هيا اڄ به هڪ پيج تي آهن، سڀ گڏجي هڪ پيج ٺاهي سگهن ٿا. هن چيو ته ان تي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ته وقت کان اڳ چونڊون ڪيئن ڪرائڻيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ صدر عارف علوي چيو ته منهنجي سوچ پي ٽي آءِ موجب آهي، ڇو ته ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ نڪتو هيس، ايوان صدر ۾ رهندي منهنجو ڪنهن پارٽي سان واسطو ناهي.