نيويارڪ (م ڊ) پرڏيهي وزير ۽ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي شادي بابت پڻ سوال ڪيو ويو. بلاول ڀٽو جيڪو هلندڙ مهيني 34 ورهين جو ٿي ويو آهي، سندس شادي جي حوالي سان مداح ۽ ماڻهو تمام گهڻي دلچسپي رکن ٿا ته هو شادي ڪڏهن ڪندو ۽ ڪهڙي عورت بلاول جي شريڪ حيات ٿيندي، ان ڏس ۾ هڪ صحافي پرڏيهي وزير کان سندس شادي بابت پڻ سوال ڪيو. صحافي ۽ بلاول ڀٽو جي وچ ۾ مختصر ڳالھه ٻولھه جي وڊيو عرب نيوز پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي شيئر ڪئي جنهن ۾ صحافي وڏي تجسس سان سوال ڪيو ته منهنجا پاڪستاني دوست پڇي رهيا آهن ته ڇا توهان جو شادي ڪرڻ جو ڪو ارادو آهي؟. بلاول ڀٽو زرداري مسڪرائيندي جواب ڏنو ته بلڪل آئون شادي ڪرڻ جو ارادو رکان ٿو پر في الحال ڪا تڪڙ ناهي. پر ان مختصر جواب ڏيڻ کانپوءِ بلاول شادي جي وقت بابت صحافي جي سوال جو جواب ڏيڻ کانسواءِ ئي اڳتي وڌي ويو ۽ شادي جي وقت بابت ڪجهه به نه ٻڌايو. واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ منظور وساڻ 2019ع ۾ اڳڪٿي ڪئي هئي ته بلاول 2023ع ۾ وزيراعظم ٿيڻ کانپوءِ شادي ڪندو. ان کان اڳ بلاول ڀٽو 2016ع ۾ پنهنجي مستقبل جي ڪنوار بابت سوال جي جواب ۾ چيو هو ته منهنجي شادي اهڙي ڇوڪريءَ سان ٿيندي جيڪا سڀ کان پهرين منهنجي ڀيڻين جو دل کٽي، مون کي ان حوالي سان پنهنجي ڀئنرن کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو.