لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي صوبي ۾ بي اي تائين تعليم مفت ڪرڻ ۽ هڪ لک کان وڌيڪ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته شريف خاندان کي تڪبر ٻوڙيو، هي صوبي ۾ گورنر راڄ نه ٿا لڳائي سگهن. هن چيو ته  ڏکڻ پنجاب جي چوڏنهن ضلعن ۾ ٽي سو ڇوڪرين کي هر مهيني وظيفو ڏيڻ جو اعلان به ڪيو آهي. سيالڪوٽ ۾ قرآن جي تعليم لازمي قرار ڏني آهي. هن چيو آهي ته سيالڪوٽ ۾ مهانگي بجلي سبب عوام بل ڦاڙي ٿو، ٻاهرين ملڪ مان ملندڙ امداد ۾ وفاق پنجاب کي ڪجهه ناهي ڏنو، ٽيلي ٿون ۾ اڍائي ارب رپيا گڏ ٿيا هيا جيڪي سمورن متاثرن ۾ ورڇ ٿيندا. هن چيو ته نواز ليگ کي تڪبر جي سزا ملي رهي آهي، نواز ليگ پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ وٽ رکي ڪير به نه وٺندو، نواز شريف ايندي ئي پڪڙيو ويندو، عمران نيڪ نيت ماڻهو آهي مستقبل ۾ رڳو عمران جي ٽڪيٽ هلندي، سيالڪوٽ ۾ انجينيئرنگ جي يونيورسٽي ٺاهي پئي وڃي. هن چيو ته پنجاب حڪومت مون کي الله تعاليٰ ڏني آهي، شريف خاندان پنجاب حڪومت جو ڪجهه نه ٿا بگاڙي سگهن، پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جا خواهشمند پنهنجو فڪر ڪن. اسان جو ليڊر عمران خان عوام جي خدمت جو جذبو رکي ٿو. هن چيو ته شهباز شريف ملڪ کان ٻاهر وڃي چوي ٿو ته پئسا گهرڻ نه آيو آهيان مون کي ڊپ آهي ته ڪنهن کي اهو نه چئي ڇڏي ته واپسي جي ٽڪيٽ جا پئسا ڏيو.