اسيمبلي ۾ واپسي جو چئي يوٽرن: چونڊن تائين جنرل باجوه جو مدو وڌايو وڃي: عمران خان

0
329

اسلام آباد (م ڊ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان اسيمبلي ۾ مشروط واپسي جو چئي ڦري ويو: عمران خان چيو آهي ته اسيمبلي ۾ واپسي جو مطلب پرڏيهي سازش ذريعي آيل نظام کي قبولڻ هوندو، نئين چونڊن تائين جنرل باجوا جو مدو وڌايو وڃي، جڏهن سمجهيو هڪ بال تي 3 وڪيٽون ڪرنديون ته آخري احتجاج جو سڏ ڏيندس، ايندڙ اليڪشن ۾ سادي اڪثريت نه ملي ته اتحادي حڪومت ٺاهڻ بدران اپوزيشن ۾ ويهندس، نجي ٽي وي کي انٽرويو دوران مائنس ون جي صورت ۾ پنهنجي حڪمت عملي ٻڌائيندي عمران خان چيو ته ميچ کيڏندڙن کي علم آهي ته اهي کٽي نٿا سگهن

هاڻ هي ٽيڪنيڪل طور ناڪ آئوٽ ڳولن ٿا ته جيئن ڪنهن به ريت عمران خان ميچ کان ٻاهر ٿي وڃي ته پوءِ ميچ کيڏون، هي ڪيتري به ڪوشش ڪن ته مائنس ون نٿو ٿي سگهي. تحريڪ انصاف  جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پرڏيهي سازش ذريعي اسانجي حڪومت کي هٽايو ويو، اسيمبلي ۾ واپسي جو مقصد ڪرائيم منسٽر ۽ پرڏيهي سازش ذريعي آيل نظام کي قبول ڪرڻ هوندو، تنهن ڪري اسيمبلي ۾ واپسي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيڪڏهن اسان اسيمبلي ۾ هجون ها تڏهن به هي بل پاس ڪرائي وڃن ها، ڇاڪاڻ هنن وٽ اڪثريت هجي ها. اسيمبلي ميمبرن جي خريد ۽ وڪري تي تنقيد ڪندي عمران خان چيو ته هي جيڪو ڪجهه ڪن ٿا، ڇا عوام ان کي تسليم ڪري رهيو آهي، هي سمجهن ٿا ته اربين رپين خرچ ڪري لوٽن ذريعي چونڊيل حڪومت ڪيرائي اسيمبلي ۾ اچي پنهنجا ڪيس معاف ڪرائينداسين، ايئن صرف بنانا ري پبلڪ ۾ ٿيندو آهي. عمران خان چيو ته ملڪي استحڪام جو صرف صاف ۽ شفاف اليڪشن سان ممڪن آهي، سياسي استحڪام کانسواءِ اسانجي معيشت مستحڪم نٿي ٿي سگهي

هنن کي پاڻ خبر ناهي ته هڪ مهيني جي مار آهن يا ٻن مهنن جي مار آهن، تيزي سان تباهي طرف ويندڙ ٽرين کي صرف اليڪشن ذريعي بچائي سگهجي ٿو، اپوزيشن، امپورٽڊ حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن پاڪستان جو سوچي رهي آهي ته فوري طور چونڊون ڪرايون وڃن، جيڪڏهن تڪڙين چونڊن لاءِ سڀ تيار آهن ته طريقو نڪري ايندو، اسان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين. آرمي چيف جي مقرري بابت عمران خان چيو ته ڇا ملڪ کان ٻاهر ويٺل روپوش ۽ ڪرپٽ شخص کي آرمي چيف جي مقرري ڪرڻ گهرجي، جنهن سڄي زندگي ميرٽ تي ڪو ڪم ناهي ڪيو ۽ اهليت به نٿو رکي، اليڪشن تي سمورين پارٽين جي اتفاق راءِ جي صورت ۾ موجوده آرمي چيف جي ملازمت مدي ۽ نئين آرمي چيف جي مقرري بابت سوال تي عمران خان چيو ته اسانجي ترجيح اليڪشن آهي ۽ نگران حڪومت آرمي چيف مقرر نه ٿي ڪري سگهي، آرمي چيف جي مقرري اها حڪومت ڪري جيڪا مينڊيٽ کڻي اچي، اها حڪومت مقرري نٿي ڪري سگهي جيڪا پرڏيهي سازش ۽ لوٽن ذريعي آئي هجي

نئين چونڊن تائين جنرل باجوا جي مدي ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي، عمران خان سوال اٿاريندي چيو ته ڇا منصوبابندي تحت سازش ڪندڙن کي علم نه هو ته ڪهڙا چيلنجز درپيش آهن، مون اسٽيبلشمينٽ کي چيو هو ته عدم استحڪام پيدا ٿيڻ نه ڏيو، ڇاڪاڻ هي نه سنڀالي سگهندا، هنن ٻن خاندانن جي هوندي ملڪ جو قرض وڌيو پر ملڪ هيٺ ئي ويو، هنن اچي رڳو پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرايا. تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته مون ڪڏهن ايترو بي ايمان اليڪشن ڪميشن ناهي ڏٺو، اسٽيبلشمينٽ هنن کي مقرر ڪرايو، مونکي ته هن جي خبر ئي نه هئي، ووٽنگ مشين سان 90 سيڪڙو ڌانڌلي ختم ٿي ويندي آهي، 2015ع ۾ ٺهيل جوڊيشل ڪميشن کي جيترا ڌانڌلي جا طريقا ٻڌايا ويا، انهن مان 90 سيڪڙو ڌانڌلي جا ذريعا ووٽنگ مشين سان ختم ٿي ويندا، پر هن چيف اليڪشن ڪمشنر مشين اچڻ نه ڏني. عمران خان چيو ته پنجاب ۾ ڌانڌلي باوجود حڪومتي اتحاد هارائي ويو، سڄي انتظاميه ۽ اتي ويٺل مسٽر ايڪس به هنن جي مدد ڪئي، هاڻ هي ڊنل آهن، ٻوڏ جو بهانو ڪري ضمني اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن، جنهن طريقي سان ارڙهين ترميم تي ڳالهائيندي عمران خان چيو ته وفاق ارڙهين ترميم تحت صوبن ۾ ترقياتي ڪم نه ٿو ڪرائي سگهي، ارڙهين ترميم بعد سمورا اختيار صوبي ڏانهن هليا ويا آهن، سنڌ حڪومت هر هنڌ اسان لاءِ رڪاوٽون وڌيون، ان باوجود اسان سنڌ کي پنهنجي صوبن کان وڌيڪ پيسا ڏنا پر ارڙهين ترميم بعد جيڪڏهن ڪوئي سمجهي ٿو ته وفاق صوبي ۾ ترقياتي ڪم ڪري سگهي ٿو ته اهو ممڪن نه آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته ڪراچي جو مسئلو هميشه رهندو، ڇاڪان صوبائي حڪومت سنڌ اندران ووٽ وٺي ايندي آهي

ان جو مقصد صرف ڪراچي مان پيسا چوري ڪري پيسا ٺاهڻا هوندا آهن، عمران خان وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ڪرپشن سڄي پاڪستان جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، آصف زرداري ۽ مراد شاهه سميت سڀني تي ڪرپشن ڪيس ٿيا آهن، ان وقت نيب اسانجي  ڪنٽرول ۾ نه هو نه ته هنن تي ته واضح ڪيس هئا. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ جنهن ريت هلي رهيو آهي، هاڻ اهو طريقو تبديل ڪرڻو پوندو، ڪامورن سميت سڀني کي تبديل ڪرڻو پوندو، عدليا سان ويهي ڪانٽريڪٽ فورسمينٽ تي ڪام ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ ٻاهران ايندڙ سيڙپڪارن کي فراڊ جو خطرو هوندو آهي، ريگيوليٽرز تي 800 اسٽي آرڊز آهن، ريگيوليٽرز جي فيصلن تي اسٽي آرڊر ٿي سگهي ٿو ته ڪم ڪرڻ تي ڇو؟ ملڪي معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ پهرين ملڪ جو رُخ درست ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي ڪامورن کي ماڊرن ڪرڻو پوندو، انهن ۾ اسپيشلسٽ آڻڻو پوندو، اسانجي ڪامورا شاهي ۾ ڪجهه آفيسرن کانسواءِ ڪوبه ڪامورو سٺو ناهي، آءِ ٽي ۾ ڪوبه ايڪسپرٽ ناهي، ان جو انتظام اسان کي پهرين ڪرڻو پوندو

عمران خان چيو ته ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪ حقيقت آهي، ذميواري ۽ اختيار گڏ گڏ هلندا آهن، اسان وٽ ذميواري هئي پر اختيار نه هئا ته احتساب ڪيئن ڪريون ها. اتحادي حڪومت ٺاهڻ جي سوال تي هن چيو ته جيڪڏهن سادي اڪثريت نه ملي ته اتحادي حڪومت ٺاهڻ کان بهتر آهي ته اپوزيشن ۾ ويهنداسين. آمريڪا سان ڳالاپن بابت عمران خان چيو ته عالمي لاڳاپن ۾ دوستيون نه مفاد هوندا آهن، منهنجو ڪم آهي ته آئون پنهنجي ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪريان، پنهنجي ملڪ جي فائدي کي ٻين لاءِ قربان نه ڪريان، آئون سمجهان ٿو ته روس کان اسان کي ڪڻڪ ۽ تيل وٺڻ گهرجي، ڪنهن جي جنگ ۾ شرڪت نه ڪرڻ گهرجي، اڏا نه ڏيڻ گهرجن پر لاڳاپا بهتر رکڻ گهرجن، ملڪي مفادن تي ڪابه سوديبازي نه ڪرڻ گهرجي، هي آمريڪا ۽ اولهه جي ذهنيت کي نه ٿا سمجهن، جيڪڏهن اوهان ٽشو پيپر وانگر استعمال ٿيڻ چاهيو ٿا ته هي اوهان کي استعمال ڪندا، هنن دهشتگردي خلاف جنگ ۾ اسان کي استعمال ڪيو، ڀارت کي ڇو نٿا استعمال ڪن، ڇاڪاڻ ڀارت جي آزاد پرڏيهي پاليسي آهي، آئون به پاڪستان لاءِ آزاد پرڏيهي پاليسي چاهيان ٿو.

 تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان آمريڪي سائفر جي جاچ ڪرائڻ جي صورت ۾ استعيفائون واپس وٺي قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، صحافين سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اگر پي ٽي آءِ حڪومت خلاف سازش تي ٻڌل آمريڪي سائفر جي جاچ ڪئي وڃي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ واپس وڃي سگهي ٿي، اسٽيبلشمينٽ سان اسان جا سٺا تعلقات هئا، خبر ناهي ته اهي ڪڏهن ۽ ڪيئن خراب ٿيا، اپوزيشن کان وڌيڪ حڪومت کي اسٽيبلشمينٽ کي تعلقات جي ضرورت هوندي آهي، اسان هينئر اپوزيشن ۾ آهيون

اپوزيشن ۾ رهندي اسان جا اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات ڪيئن ٿي سگهن ٿا؟ پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ حقيقت آهي ان وٽ تمام اختيار آهن، خطي ۾ سڀني سان ملڪي مفاد تحت تعلقات چاهيون ٿا، حڪومت معيشت کي اهڙي هنڌ پهچائي چڪي آهي جو هاڻي دوا بجاءِ سرجري جي ضرورت آهي، ناڻي وزير مفتاح اسماعيل ڪينسر جو علاج ڊسپرين سان ڪري رهيو آهي، حڪومت جي ترجيح معيشت نه پر پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ آهي، موجوده حڪومت نيب جا 11 سئو ارب رپين جي ڪرپشن جا ريفرنس ختم ڪرايا، نيب ڪيس ختم ٿيندي ئي اسحاق ڊار واپس اچڻ لاءِ تيار آهي، اسحاق ڊار کان پوءِ نواز شريف به ملڪ واپس اچڻ جي تياري ڪري رهيو آهي، هاڻي حڪومت ملي ته ماضيءَ جون غلطيون نه ورجائينداسين، تحريڪ انصاف پهريون ڀيرو حڪومت ۾ آئي هئي، ان ڪري حڪومت دوران غلطيون ٿيون، معيشت کي مستحڪم بنائڻ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا آهيون.

 تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسانجي حڪومت ڪيرائي چورن کي مڙهيندڙ موجوده ملڪي حالتن جا ذميوار آهن،آخري سڏ تڏهن ڏيندس جڏهن منهنجي هڪ بال تي ٽئي وڪيٽون ڪرنديون. رحيم يار خان ۾ جلسي سان خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مون کي مارائڻ جو منصوبو جوڙيو ويو، 4 ماڻهن اهو منصوبو ٺاهيو، مريم نواز، مريم اورنگزيب ۽ جاويد لطيف ذريعي پريس ڪانفرنس ڪرائي وئي ته عمران خان مذهب جي توهين ڪئي آهي، اهي هاڻ به سازش ۾ لڳل آهن، انهن جي ڪوشش آهي ته عمران خان تي ڪا به واردات ٿي ته چونداسين مذهبي جنوني ائين ڪيو، اهي چوندا ته انتهاپسند عمران خان کي ماري ڇڏيو. هن چيو ته مان سڄي پاڪستان ۾ گهمي رهيو آهيان، مون کي پنهنجي حياتي کان وڌيڪ ملڪ جي آزادي جي ڳڻتي آهي، اسٽيبلشمينٽ کان پڇان ٿو ته ڇا ڪرپشن ختم ڪرائڻ رڳو منهنجي ذميواري آهي؟

ڇا ڪرپشن جي خاتمي جو ٺيڪو رڳو عمران خان کنيو آهي؟ ڇا اها توهان جي ذميواري ناهي؟. عمران خان ته ملڪ تي عذاب آيل آهي ۽ وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير آمريڪا ويا آهن، هڪ آمريڪي اداڪارا مدد لاءِ هتي پهتي آهي ته هوءَ آمريڪا ۾ ڇا ڪري رهيا آهن؟ اهي اتي مهانگن هوٽلن ۾ رهن پيا، اسان تي چور مڙهيل رهيا ته ملڪ جو ڪو مستقبل ناهي. عمران خان چيو ته حڪومت ۾ شامل جماعتن ڀرپور ڪوشش ڪئي ته عمران خان کي نااهل ڪيو وڃي، انهن کي خوف آهي ته عمران خان چونڊون کٽي ويندو، اسان کي پنهنجي حقيقي آزادي لاءِ نڪرڻو پوندو، رانا ثناءُ الله اسان کي ڌمڪائي رهيو آهي، ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، هيل ڪپتان ڀرپور تياري سان ايندو