نيب لاهور پاران شهباز شريف جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ لاءِ خط

0
328

لاهور (بيورو رپورٽ) نيب لاهور اسلام آباد هيڊ ڪوارٽرز کي خط لکي شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جي درخواست ڪئي آهي، جڏهن ته گهرو وزارت پاران اهڙي ڪنهن به خط ملڻ جي ترديد ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب نيب لاهور پاران ڊي گي آپريشن هيڊڪوارٽرز کي خط لکي چيو ويو آهي ته نواز ليگ جي صدر شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته هن جي خلاف اثاثن کان وڌيڪ آمدني ۽ مني لانڊرنگ جا ڪيترائي ڪيس هلي رهيا آهن. خط ۾ لکيو ويو آهي ته هلندڙ ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوابدار جي موجودگي ضروري آهي تنهنڪري سندس نالو اي سي ايل ۾ وڌو وڃي. خط ۾ لکيو ويو آهي ته جيئن ته لاهور هائيڪورٽ شهباز شريف جو نالو اي سي ايل مان هٽائڻ جو فيصلو ڏنو آهي نهنڪري هڪ ٻي درخواست لکي سندس نالو اي سي ايل ۾ وجهرايو وڃي.