دادو ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳنڀير ٿي وئي

0
262

حيدرآباد (ن پ ا) دادو ۾ ڪورونا جي صورتحال ڳنڀير ٿي وئي،24 ڪلاڪن ۾ 42 نوان ڪيس ظاهر ٿيا جن مان 80 نمونن مان 42 ڄڻن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، ڪورونا مريضن جو بار وڌڻ سبب سيد عبدالله شاھ انسٽيٽيوٽ ۾ مريض رکڻ جي گنجائش ختم ٿي وئي، ڊاڪٽر معين صديقي جو چوڻ آهي ته انسٽيٽيوٽ ۾ 32 مريض رکڻ جي گنجائش موجود آهي، وڌيڪ مريض داخل ڪرڻ کان لاچارآهيون، هن چيو آهي ته ڪورونا جي گهٽ شدت وارن مريضن کي لاڳاپيل اسپتالن ۾ رکي وڃي، اسان آءِ سي يو ۾ 8، ايڇ ڊي يو ۽ وارڊ ۾ 12، 12 مريض رکي سگهون ٿا.