سن /ڪوٽڙي (نمائندا) جسقم اڳواڻن نياز ڪالاڻي ۽ ٻين ڏهن اڳواڻن مٿان وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي سن ۾ سائين جي ايم سيد جي 26 هين ورسي جي موقعي تي ملڪ خلاف تقريرون ڪرڻ، ماڻهن کي ڀڙڪائڻ ۽ ڪورونا پکڙجڻ کان روڪڻ لاء لڳايل قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ ۽ ايس او پيز تي عمل نه ڪرڻ جا ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. جسقم جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽرنياز ڪالاڻي ۽ ٻين مختلف قومپرست پارٽين جي اڳواڻن غازي خان سولنگي، اسرارسنڌي، اسلم خيرپوري، سرمد ميراڻي، شبيرانقلابي، ارباب ڀيل، وقارچانڊيو، واجد تنيو مومن ويسر سميت ڏهن اڳواڻن کي ٻنهي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. وڏا ڇڇر ايٽ سن ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ 25 نامعلوم ماڻهن کي به ساڳين ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. سرڪارجي فرياد تي داخل ڪيل ڪيسن ۾ سمورن جوابدارن کي مفرور ڄاڻا يو ويو آهي.ڪا به گرفتاري عمل ۾ اچي نه سگهي.