ڏهرڪي (ن پ ا )ڏهرڪي جي سومرا مارڪيٽ جي بند پيل محمد خان پٺاڻ جي دڪان کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه لڳي ويئي، باهه سڄي مارڪيٽ کي وڪوڙي ويئي، شهرين ۽ فائربرگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪ دڪان ۾ پيل سامان سڙي رک ٿي ويو، باهه سبب مارڪٽ جي مٿان گهرن ۾ رڙيون پئجي ويون باهه سبب گهرن مان ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو، هڪ ڪلاڪ کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو.