گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ۾ ڳوٺ خميسو کوسو جي رهواسين فداحسين کوسو، غلام حسين کوسو، نياز حسين کوسو ٽائيم نيوز آفيس پهچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو ته چاچن حبيب الله کوسو، محمد نواز کوسو، سئوٽن علي اصغر کوسو، علي حيدر کوسو ۽ ٻين 10جريب کاتي واري زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري هر ڪاهرائي رهيا آهن روڪڻ تي تشدد ڪيو آهي اهڙي واقعي جي گهوٽڪي جي اي سيڪشن ٿاڻي تي حملو ڪندڙ چاچن حبيب اللّه کوسو,محمد نواز کوسو,سئوٽن علي اصغر کوسو, علي حيدر کوسو مٿان اين سي به داخل ڪرائي آهي پر اي سيڪشن گهوٽڪي ٿاڻي جي پوليس به انهن خلاف ڪا ڪاروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.