پيرجوڳوٺ (ن پ ا) حرجماعت جي چونڪي جيسلمير انڊيا جي خليفي غازي فقير ڪلر جي هن فاني جهان مان لاڏاڻي تي درگاهه شريف پيرجوڳوٺ جي فيصلا ڪاميٽي ۾ حرجماعت جي چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو پاران تعزيتي دعا منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ جامعه راشديه جي مهتمم مفتي دوست علي سڪندري قل خواني ڪرائڻ بعد مرحوم جي مغفرت لاءِ اجتماعي دعا گهرائي ته باري تعالي هن ڀلاري ماهه رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني جي صدقي ۾ غازي فقير ڪلر جا درجات بلند ڪرڻ فرمائي ۽ کيس جواررحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي ۽ سندن پونئرن کي خانقاهه پيرپاڳاران جي سجاده نشينن جي ڏسيل راهه تي هموار ڪرڻ جي توقيق عطا فرمائي، جڏهن ته چيف خليفي فقير قادر بخش مڱريو تعزيت وصول ڪئي. هن غازي فقير ڪلر جي زندگيءَ ڳالهائيندي چيو ته هو درويش صفت انسان هو ۽ حضرت پيرسيد محمد راشد روزي ڌڻي رحمت الله عليه جي سجاده نشين پيرپاڳارن سان محبت جو سندس نرالو انداز هو، هن پنهنجي سڄي زندگي سادگيءَ سان گذاري ۽ مرشدن ڪريمن جي ڏسيل راه جي پيروي ڪندو رهيو. ان موقعي تي سيد سنت الله شاهه راشدي، نائب خليفو ڪمال فقير پنهيار، فقير غلام محمد مڱريو، نائب خليفو فقير نور محمد مڱريو، فقير جان محمد مڱريو، سيڀاڻو فقير مهر، فقير گلحسن مهر، حافظ ثناءُ الله سڪندري، عبداللطيف مڱريو سميت حرجماعت جي معززين، سڪندري عالمن ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.