نوشھروفيروز ۾ شگر ملون نه ھليون، آبادگارن ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو

0
300

ڀرياسٽي (رپورٽ: آفتاب ڪيريو) ضلعي نوشھروفيروز ۾ شگرملون نه ھلڻ سبب آبادگارن ڪمند پيڙهي نئين سال جو ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جيڪو مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي، خبر موجب ضلعي نوشھروفيروز ۽ آسپاس شگرملون نه ھلڻ سبب آبادگارن ڪمند جي پيڙھائي شروع ڪري نئين سال جو ڳڙ ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان نئون ڳڙ ضلعي جي مختلف شھرن ڀرياسٽي، ڀرياروڊ، ڪنڊيارو، ٺاروشاهه، محرابپور، مورو سميت ٻين شھرن جي منڊين ۾ پھچي ويو آھي، ڀرياروڊ جي منڊي ۾ ڳڙ پھچندي ئي مختلف شھرن ملتان، رحيم يار خان، لاھور، اسلام آباد توڙي ٻين شھرن جا ڳڙ خريدار پھچڻ شروع ٿي ويا آھن، ان سلسلي ۾ آبادگارن فقير تاج محمد ڪيريو، امير راڄپر، شمس الدين، عبدالفتاح ڏھيو ۽ ٻين پنھنجي اخبار کي ٻڌايو تـ شگرملون نه ھلڻ سبب ڪمند جي پيڙھائي شروع ڪئي آھي پر ڳڙ جو ريٽ تمام گھٽ ھجڻ سبب پريشان آھيون

هنن چيو ته جيڪو اگهه ملي ٿو ان سان ٻج، ڀاڻ ۽ دوائون توڙي ڊيزل جو خرچ به نٿو نڪري، ھنن ٻڌايو تـ سال 2020 ۾ ڳڙ جو ريٽ 4800 رپيا ھو، جڏھن تـ ھاڻي چئن ھزارن کان 4300 تائين ملي رھيو آھي، ھنن ٻڌايو ته سندن علائقن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ رھي ٿي، ڊيزل تي ٽيوب ويلن ذريعي ڪمند جي فصل کي تيار ڪيون ٿا، آبادگارن مطالبو ڪيو ته ڳڙ جو في مڻ اگهه 5 ھزار رپيا مقرر ڪيو وڃي جيئن آبادگارن کي لاڀ پئجي سگهي.