سکر مان اغوا ٿي ويل نوجوان جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب

0
329

سکر(بيورو رپورٽ) سکر مان اغوا ٿي ويل نوجوان عادل شيخ جي وارثن کان 60 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي, نوجوان جي والد قاري محمد فاروق شيخ ۽ ٻين احتجاج ڪندي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته گذريل رات دير سان عادل شيخ جي نمبر تان ڪال آئي ۽ چيو ته مون کي ۽ دوست کي اڻڄاتل ماڻهو ڪار ۾ کڻي اکين تي پٽيون ٻڌي الاءِ ڪاٿي آندو آهي، جنهن بعد ڌاڙيلن چيو ته عادل شيخ واپس کپيو ته 60 لک رپيا ڀُنگ ڏيو نه ته هن کي دوست سميت ماري ڇڏينداسين

نوجوان جي پيءُ جو چوڻ آهي ته ڌاڙيلن چيو ته عادل جي نمبر تي ايزي لوڊ به ڪرايو ته جيئن توهان سان ٻيهر رابطو ڪيون، جنهن بعد اسان 5 سئو روپين جو ايزي لوڊ ڪرايو آهي, هنن جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ عادل ۽ ياسر شيخ شادي جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ گهران نڪري ويا هئا جيڪي رستي تان اغوا ٿي ويا، جن مان عادل جي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

هنن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته خدا جي واسطي اسان جي نوجوانن جي حياتي بچائي وڃي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوانن جي لوڪيشن ڪنڌڪوٽ، ڪشمور طرف ملي آهي، سندن بازيابي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون

ھي به پڙھندا

نوشهرو فيروز: 3مھينن کان مبينا اغوا ڄاڻايل نوجوان ڪيلن جي باغ مان ھٿ