سنڌ مان هڪ ڪلاڪار جي موڪلاڻي!!

0
215
سنڌ مان هڪ ڪلاڪار جي موڪلاڻي!!

 روهيڙي جي گُلن، مورن جي ٽھُوڪن ۽ ٿڌڙين ڀِٽُن جهڙي حَسين خطي ٿرپارڪر ۾َ اهڙن انيڪ موتين جنم ورتو آھي، جنهن پنهنجي پنهنجي خطي ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي علائقي جو نالو سونهري لفظن ۾ لکرايو آھي، ٿرپارڪر جي مُک شھر مٺي کان چاليهھ ڪلو ميٽر جي پنڌ تي ڏيپلي نالي هڪ مشھُور شھر آباد آھي، جتي ڪنهن دور ۾ ڏيپلائي ميمڻ ججهي تعداد ۾ آباد ھُئا جن هاڻي هوائن جو شھر حيدرآباد وڃي وسايو اٿن. اُتي آباد لوهاڻه ڪميونٽي ۾ هڪ اهڙي هستي جنم ورتو جيڪو اڳتي هلي روي ڏيپلائي جي نالي پنهنجو نانءُ هر هڪ ديس واسي جي دل ۾ لکرائي پاڻ وڃي حقيقي مالڪ سان وڃي مليو، اسان ديس واسين کي اڪيلو ڪري ھُو هڪ اهڙي ماڳ ڏانهن منهن ڪيائين جتان اڄ ڏينهن تائين ڪو به واپس ناهي وريو.

ايڏو  جلدي  يار  اسان  کان،

ٿي وئين دلبر ڌار اسان کان.

چنڊُ لڪي ويو ڪڪر پويان

ڦيري نيڻ نهار اسان کان. (آس)

ٽِن ڀائرن جو لاڏلو ۽ سڪيلڌو ڀاءُ روي ڏيپلائي هڪ باذوق، باادب ۽ بااخلاق شخص ھُو، ھُو هڪ سُٺي گُلوڪار ھُئڻ سان گڏو گڏ هڪ سُٺو موسيقار ۽ نهايت ئي سُريلو ڪمپوزر پُڻ ھُو، ھُو اهڙي حَسين  ڪمپوزنگ ڪندو ھو ۽ اهڙيون ڌنون ترتيب ڏيندو هو جو گهڻن موسيقي جي ڄاڻن ۽ ناليوارن گُلوڪارن کي ڏيندين آڱريون اچي وينديون ھُيون. ۽ ھو سچي ۾ اعتبار ئي ڪونه ڪندا ھئا ته ڪو هي روي ڏيپلائي جي ڪمپوزنگ آھي، ايتري قدر هُو موسيقي ۾ ڄاڻ رکندو هو، هُن جو موسيقي سان عشق ھُو، ايئن محبت ڪندو هو جيئن سسئي پنهون سان ۽ ليلان مجنون سان ڪندي ھُئي.

سُر سنگيت سان بيحد پيار ڪندو هو، ھو الاهي وقت کان راڳ رنگ جي دنيا سان سلهاڙيل رهيو، شوقيه طور ڳائيندو هو سو به پنهنجي مرضي سان مگر جيڪي اسم ھن ڳايا اهي اڄ به ججهي تعداد ۾ ٻُڌا وڃن ٿا. ريڊيو، ٽي وي توڙي عام ماڻُھو وٽ ججهي مقدار ۾ هلندو هو، ھن سنڌ جي ڪافي سارن ناليوارن شاعرن کي پنهنجي روحَ ۽ دلي شوق سان ڳائي پنهنجو پاڻ کي دلي سُڪون ڀائيندو هو. هونئن به اهڙا ڪلاڪار ورلي ملندا جيڪو پاڻ هڙان وڙان خرچ ڪري اسم کي سينگاري سنواري منظر عام تي آڻيندا ھُوندا.

اهي گُر ۽ سُر هن فقير منش دوست ۾ ڄائي ڄمندي شامل ھُئا. ھو مُحبتن جو سفير ھو هن سڄي ڄمار رڳو مُحبتون ۽ مُرڪون پکيڙيون، نفرتن جا ٻِج ڇٽڻ وارن کي پُڻ پيار، پريت ۽ پنهنجائب جا درس ڏنا، دلبرن جي وچ ۾ ھُن سدائين ٽھڪن جا گلاب ورهايا، ھو سنگت ۾ سِر گهور ڪرڻ وارو دلبر مون فقير سميت ڪافي سارن دوستن وٽ وڃي ڪري محفلون مچائيندو ھو.

محبوب راڳي روي ڏيپلائي مون سميت سنڌ ۽ هنڌ جي خوبصورت ۽ ناليوارن شاعرن کي ڳايو جن ۾ بخشڻ مهراڻوي، سائينداد ساند، امر ساھڙ، چمن آر ٿري، هنڌ واسڻ اندرا شبنم پوناوالا، سانگي صحرائي، فيضو فراقي ۽ ٻيا به اهڙا انيڪ نالا ھُوندا جن کي روي ڏيپلائي پنهنجي روح سان ڳائي منظر عام تي آندا، جيڪي اڄ به ٻُڌندڙن کي کن پل لئه سُڪون بخشين ٿا. ھُن سنڌ جي بنھه خوبصورت گُلوڪاره نروڌا مالني سان گڏجي جوڙي ۾  به ڇهھ کان سَت اسم ڳايا جيڪي به هند ۽ سنڌ ۾ جام مقبول ٿيا انهي جي ڀرپُور موٽ ملي.

سُرن ۽ گُرن بابت سرس ڄاڻ رکندڙ هي مٺڙو ۽ مانائتو راڳي طبيعتن صفا سادو شخص ڪراچي جهڙي شهر ۾ روزگار سانگي چويهھ سال کان رهندي پُڻ ٿر جي رهڻي-ڪهڻي، اوڍڻ-پھرڻ، ريتن-رسمن ۽ ٿر جي ٻھراڙي جي حَسين ۽ سُڪون واري ماحول کي ڪڏھن نه وساريو، ۽ هونئن به چوندا آھن ته اڀرا يا سڀرا مگر اباڻا اجها ڪنهن کان ٿا وسري سگهن.

آئون سمجهان ٿو ته هن محبوب دوست راڳ رنگ سان سلهاڙيل ھُئڻ سان گڏو گڏ دوستي جو وڏو جهان جوڙيو. سنڌ جا ڪافي خوبصورت شاعر، اديب، فنڪار، آرٽسٽ، اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جا ساٿي تقريبن ھُن جي دوستي جي ڌاڳي ۾ مڻين وانگي پويل ھُئا. ھن جنهن سان به دوستي جهڙي ناياب رشتي جو هٿ وڌايو ٿي ته ان سان ڏک سُک ۾ سڀني کان اول صف ۾ نظر ٿي آيو، مطلب ته جنهن سان به دعا سلام رکي ٿي انهي سان اهڙي رکي جو “ڇنڻ مُور نه سِکيا” ڀِٽائي سرڪار واري سٽ کي برقرار رکيو.

دل ننگر ۾ دردن جي کاڻ لڪائي مُک تي حَسين مُرڪ سجائي گهمندڙ ڦرندر هن محبوب ماڻھُو سان منهنجي تمام گهڻي نيازمندي رهي آھي، ايتري قدر جو هو مونکي ننڍي ڀاءُ جيان ڀائيندو ۽ مونسان بنهھ گهڻو پيار ڪندو ھو، روزانو حال احوال وٺڻ ڄڻ ھن لئه فرض لازم ھُو ۽ لڳندو هو ڄڻ هن جي فطرت ۾ شامل ھو. مونکي نه رڳو ھن پاڻ وڌ کان وڌ ڳايو مگر ٻين کان به اسم رڪارڊ ڪرائي سوکڙي ڪري اُماڻي ڏيندو هو.

هو ڪراچي ۾ روزگار سانگي رهائش پذير ھو مگر جڏھن به پنهنجن اباڻن پَڊن ڏي وريو ٿي ته مٺي يا منهنجي ڳوٺ ٻُگهار ۾ مون سان مُکا ميلو ضرور ڪري ويندو هو. بغير موڪلائڻ ۽ بنا ملڻ جي اهو ھن جو آخري ۽ پهريون ڀيرو ھو مگر ٻيهر جلدي ملڻ واري آس رکي ڪراچي روانو ٿيو ۽ ٻي ڏينهن اتي ڪراچي جي فضائن کي خاموش ڪري وڃي مالڪ حقيقي سان مليو. مالڪ کيس سِرڳ نصيب ڪري ۽ پُٺيان گهر ڀاتين کي صبر جي توفيق ڏي.

اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين،

آديسي اُٿي ويا، مَڙھيون مون مارِين،

جي جيءُ کي جيارِين، سي لاهوتِي لڏي ويا.