نوشهروفيروز (رپورٽر) ڪجھه ڏينھن اڳ ابڙان ۾ عطائي ڊاڪٽر پاران مبينا طور عورت سان اعتراض جوڳي وڊيو وائرل ڪرڻ ۽ نامعلوم ماڻهن پاران عطائي جو ڪارو منھن ڪرڻ واري واقعي جو ڪيس ڳوٺاڻن تي داخل ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻي محمد بچل تارڙ پاران ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز ثمينه منگي جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست تي عدالت عطائي شرف الدين خاصخيلي سميت 5 ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، درخواست ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته مان عشر زڪوات ديھه ابڙان جو چيئرمين آھيان، اسان عطائي شرف الدين خاصخيلي پاران عورتن جون اعتراض جوڳيون وڊيون وائرل ڪرڻ خلاف پوليس کي شڪايت ڪئي ۽ عطائي کي پنھنجي ڪلينڪ بند ڪرڻ جو چيو جنھن تي عطائي پنھنجو منھن ڪارو ڪرڻ جو ڊرامو رچائي ڳوٺاڻن مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي. فريادي جي اھڙي درخواست تي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت عطائي شرف الدين خاصخيلي سميت 5 اڻ ڄاتل ماڻھن خلاف سيڪشن 154 سي آر پي سي تحت ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي.