شهدادپور (ن پ ا) ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ٽرين هزارهه ايڪسپريس جي انجڻ فيل ٿيڻ سبب شھدادپور ڀرسان ٻيراني ڦاٽڪ وٽ بيهي وئي، ٻن ڪلاڪن تائين ٽرين بيهڻ سبب سوار مسافر گرمي وگهي سخت پريشان رهيا، جڏهن ته ٽريڪ تي ٽرين بيٺل هجڻ ڪري پٺيان کان ايندڙ ٽرينز کي مختلف اسٽيشنز تي بيهاريو ويو، ٻئي طرف ريلوي اختيارين پاران روهڙي مان انجڻ گهرائڻ بعد ڄاڻايل ٽرين کي منزل طرف روانو ڪيو ويو.