قاضي احمد ( ن پ ا) قاضي احمد گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول جي ملازم احمد انڙ جي نيشنل بينڪ جي اڪائونٽ مان 60 ھزار رپيا مبينا طور ڪڍڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ان حوالي سان ملازم احمد انڙ احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته اي ٽي ايم ڪارڊ منهنجي کسي ۾ ھجڻ جي باوجود 60 هزار اڪائونٽ مان نڪري ويا آهن، هن ٻڌايو ته مونسان فراڊ ٿيو آهي، ملوث ماڻھن خلاف بيئڪ انتظاميان جاچ ڪري رقم واپس ڏياري، ٻي طرف قاضي احمد نيشنل بئنڪ جي مينيجر ٻڌايو ته اهڙي نويت جون 4 شڪايتون مليون آھن ته 4 اڪائونٽ ھولڊرن جي اي ٽي ايم ڪارڊ مان رقم ڪڍي وئي آھي، هن چيو ته شڪايتن تي جاچ ڪريون پيا، هيڊ آفيس کي پڻ آگاھ ڪيو آھي، متاثرن جي اڪائونٽن مان لکين رپيا بحريه ٽائون لاهور جي اي ٽي ايم مان ڪڍي وئي آھي، ٻي طرف پرائمري استاد منظور ڏاھري جا30 ھزار، استاد علي خان گبول جا 40 ھزار ۽ پوليس کاتي جي اھلڪار غلام شبير چانڊيو جا 35ھزار پڻ اڪائونٽن مان نڪري ويا آهن.