نوشهروفيروز: سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

0
246

نوشهروفيروز: ڪنڊيارو پوليس پاران گرفتار ڪيل سماجي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين کي نوشهروفيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

جڏهن ته ڊسٽرڪٽ بار نوشهروفيروز جي وڪيلن پاران سنڌو نواز گهانگهرو جي قانوني معاونت جو اعلان ڪيو ويو آهي

سنڌو نواز گهانگهرو کي گذريل ڏينهن ڪنڊيارو پوليس اسٽيشن آڏو احتجاج دوران گرفتار ڪيو ويو هو

May be an image of 3 people, people standing and people sitting

 پوليس پاران گرفتاري وقت سماجي تنظيم جي ڪارڪنن تي لٺبازي به ڪئي وئي، سنڌو نواز گهانگهرو جي گرفتاريءَ خلاف ڪنڊيارو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا پيا وڃن

جڏهن ته ڪالهه کان وٺي سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري تي سوشل ميڊيا تي مذمتي پوسٽون هلي رهيون آهن ۽ صارفين پاران پوليس مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ۽ سنڌو نواز گهانگهرو ۽ سندس ساٿين جي آزادي جو مطالبو ڪيو پيو وڃي

هي به پڙهندا

ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج: مظاهرين تي لٺبازي: سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻا گرفتار