تنگواڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تي مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا، هڪ اهلڪار به شهيد

0
212

تنگواڻي ويجهو انڊس هاءِ وي

تنگواڻي (رپورٽ: لطف ملڪ) تنگواڻي ويجهو انڊس هاءِ وي تي مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا، هڪ اهلڪار به شهيد، پوليس موجب ٺل- ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي گشت ڪندڙ اهلڪارن جو ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو

پوليس موجب مقابلي دوران فائرنگ ۾ 2 ڏوهاري مارجي ويا، اهلڪار در محمد بکراڻي شهيد ٿي ويو وڏي انگ ۾ پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي، ڏوهارين ۽ پوليس ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جي ڏي وٺ جاري آهي

جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ٻن مان هڪ ڏوهاري جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي،  مارجي ويلن مان هڪ  ڄڻي جي عبدالستار کوسو طور سڃاڻپ ٿي آهي

مقابلي دوران شهيد ٿيل اهلڪار در محمد بکراڻي جي جنازي نماز 2 وڳي سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي، مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل عبدالستار  کوسو جي هڪ ڏينهن اڳ گرفتار ٿيڻ واري وڊيو به سامهون اچي وئي

هي به پڙهندا

ڪنڊيارو ۾ بدامني خلاف احتجاج: مظاهرين تي لٺبازي: سنڌو نواز گهانگهرو سميت 5 ڄڻا گرفتار