نوشهروفيروز (رپورٽر) ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جي ھدايت ڪرڻ تي ڊسپينسر ڊائلاسز سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر تي ڏمرجي پيو ۽ کيس موتمار ڌمڪيون ڏنيون. موتمار ڌمڪيون ڏيڻ خلاف ڊائلاسز سينٽر جي انچارج ڊاڪٽر عارف ٻوھيو پاران نوشهروفيروز ٿاڻي تي ڊسپينسر سميع ٻوھيو ۽ سندس والد خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي پر اڃا تائين پوليس ڊسپينسر خلاف ڪارروائي ناھي ڪئي. اختيارين کي لکيل خط ۾ انچارج ڊاڪٽر عارف ٻوھيو چيو آھي ته ڊسپينسر سميع جويو ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ پئسن عيوض ڊائلاسز سينٽر ۾ ٻاھرين ماڻھن کي وٺي آيو ۽ مريضن سان ملائيندو رھيو جنھن سبب ڊائلاسز جي مريضن ۾ ڪورونا وائرس ڦلھجڻ جو خطرو ھو ۽ مان ڊسپينسر کي ايس او پيز تي عمل جي ھدايت ڪئي ته ھن مونکي موتمار ڌمڪيون ڏنيون.