گمبٽ (ن پ ا) گمبٽ ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو مريضن ۾ واڌ، گيسٽرو جي 9 مريضن مسمات هدايت خاتون، بادشاهزادي،منصور احمد، ارشاد خاتون، جمن علي، عمير علي ۽ هير خاتون ي وارث گيسٽرو سبب کڻي گمبٽ گمس سٽي اسپتال جي ٽرامه سينٽر ۾ پهتا آهن. ٽراما سينٽر ۾ داخل مريضن جو چوڻ هو ته هي ايمرجنسي وارڊ آهي هن وارڊ ۾ زخمين سميت هر قسم جو مريض اچي ٿو گيسٽرو مريضن لاءِ ڌار وارڊ ٺاهي دوائن جي سهولت مهيا ڪئي وڃي. هوڏانهن وارڊ ۾ موجود ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته سخت گرمي سبب گيسٽرو وڌي رهي آهي. ماڻهن کي گھرجي ته ٿڌيون شيون واپرائين ۽ گرم شين کان پاسو ڪري پاڻ کي گيسٽرو کان بچائي سگھن ٿا.