ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان جاويد ڳوٺ ۾ ڳوٺاڻي غلام حسين آرائين جي مال جي واڙي کي باهه لڳڻ سبب واڙو مڪمل طور سڙي رک ٿي ويو جنهن سبب واڙي ۾ بيٺل 4 ڇيلڙيون سڙي مري ويون، اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي بر وقت پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪري باهه کي وڌيڪ پکڙجڻ کان روڪي ورتو. هوڏانهن باهه لڳڻ جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. ڳوڻاڻي غلام حسين موجب ته رب جو ڪرم آھي جو سمورو مال چرڻ لاءِ ويل هو 4 کن ڇيلڙيون واڙي ۾ بيٺل هيون جيڪي باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون.