مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ سچل سرڪيءَ ۾ چلھه جي چڻنگ مان پورهيت محمد مراد عرف ڀائو سرڪي ۽ چئن ڀائرن جي گھرن کي باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ گهرن ۾ پيل الھه تلھه سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته چوپايو مال پڻ سڙي زخمي ٿي پيو. متاثرن موجب اطلاع باوجود فائربرگيڊ عملو نه پهتو، جنهن ڪري گهرن ۾ رکيل سمورو سامان سڙي ويو. بعد ۾ ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان ٿيڻ کان بچائي ورتو.