باڊھه ( ن پ ا ) باڊھه ۽ آسپاس بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروباري طبقو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته بجلي نه هجڻ سبب واٽر سپلاءِ اسڪيمون بند هجڻ ڪري شھر سميت اڪثر ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿي پيو آھي. ان ڏس ۾ شھرين احمد بشير نوناري، اثر امام ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته سيپڪو عملدار باڊھه شھر ۽ آسپاس جي ڪيترن ئي ڳوٺن جي هٿرادو طور بجلي بند ڪري ڀلاري مهيني ۾ روزيدارن کي سخت پريشان ڪري رهيا آھن، هنن چيو ته لوڊشيڊنگ سبب شهر جو ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آھي، جنهن ڪري واپاري طبقو سخت پريشان آهي. هنن چيو ته رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ 12 کان 14 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شھرين مطالبو ڪيو ته باڊھه ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ جو نوٽيس وٺي سلسلو بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.