خيرپور (رپورٽ:عرفان ڦلپوٽو) خيرپور ۾ تازن ڄاول ٻارن کي آڪسيجن فراهم ڪرڻ لاءِ ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم ٻارن جي وارڊ پيڊس مان سٽي اسپتال جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي پاران پنهنجي غنڊن جي مدد سان وارڊ مان چار ايئر ڪنڊيشنز، 14 آڪسيجن پوائنٽس، آڪسيجن سلينڊر ۽ ٻيو سامان زبردستي کڻي وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ ليڊي ولگٽن اسپتال جي ڊاڪٽرياڻين ۽ عملي پاران ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ليڊي ولنگٽن جي انچارج ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري، ڊاڪٽر زاهده مالڪ سومرو، ڊاڪٽر سليم سومرو ۽ ٻين ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته چار ڏينهن اڳ سٽي اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي اعليٰ عملدارن جي اجازت بغير پنهنجي غنڊن جي مدد سان ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ تازن ڄاول ٻارن لاءِ قائم ڪيل پيڊس وارڊ مان چار ايئر ڪنڊيشنز، 14 آڪسيجن پوائنٽس، آڪسيجن سلينڊر ۽ ٻيو سامان غير قانوني طور تي زبردستي کڻي ويو آهي، چئن ڏينهن اندر تازا ڄاول 7 ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن. هنن ٻڌايو ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي جي اهڙي عمل خلاف سول اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر مير محمد سومرو ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر محمد حسين وٽ شڪايتون ڪرڻ باوجود ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي خلاف ڪابه ڪاروائي نه ٿي آهي نه وري سامان واپس ٿيو آهي جنهن ڪري تازا ڄاول ٻارڙا آڪسيجن کان محروم ٿي ويا آهن ۽ تازن ڄاول ٻارڙن جي وڌيڪ فوتگين جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي. هنن چيو ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي اين سي پڻ داخل ڪرائي وئي آهي پر پوليس به پنهنجو ڪو ڪردار ادا ناهي ڪيو جنهن ڪري تازن ڄمندڙ معصوم ٻارن جون حياتيون خطري ۾ پئجي ويون آهن. هنن صحت کاتي جي صوبائي وزير، سيڪريٽري صحت، ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ، ڊي ايڇ او ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ قائم پيڊس وارڊ جو سامان واپس ڪرايو وڃي. ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل ڊاڪٽر ڪامران شاهاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ليڊي ولنگٽن اسپتال کان ٻارن جو وارڊ سٽي اسپتال ۾ شفٽ ڪري رهيا آهيون جنهن سبب سامان کنيو آهي، ليڊي ولنگٽن اسپتال ۾ 5 کان 7 فيصد ٻار داخل ٿين ٿا جڏهن ته سٽي اسپتال ۾ 90 فيصد ٻار داخل ٿين ٿا جنهن ڪري سٽي اسپتال ۾ پنهنجي آفيس ڀرسان ٻارن جو وارڊ قائم ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته سٽي اسپتال ۾ ٻارن جو وارڊ ٺاهي ان کي اپگريڊ ڪيو ويندو، سول اسپتال جي ايم ايس جي اجازت سان سامان کنيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ليڊي ولنگٽن اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري بدتميزي ۽ جهيڙو جهيڙو پئي ڪري، آئون جذباتي ماڻهو آهيان ڌڪ نه هڻي وجهانس. هن چيو ته ڊاڪٽر ڪلثوم آزاد لاشاري ڀل مون مٿان ڪيس داخل ڪرائي مون کي گرفتار ڪرائي، آئون سندس سامهون به اچڻ نٿو چاهيان.