نوري آباد (ن پ ا) نوري آباد ويجھو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار 40 ورهين جو عبدالرحمان راجپوت ٿڏي تي فوت ٿي ويو . فوتي جو تعلق پنجاب جي علائقي چيچاوطن سان ھو مزدوري سانگي لوڻي ڪوٽ ڀرسان ٽائرن جي دڪان تي پورھيو ڪندو ھو. واقعي واري هنڌ ريسڪيو ٽيمن پهچي مڙهه ٽراما سينٽر نوري آباد منتقل ڪري اتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو. لوڻي ڪوٽ پوليس موجب ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.