ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان ڳوٺ گل حسن منگي مان 3 ڏينهن اڳ گرفتاري بعد گم ڪيل ڳوٺاڻي نيازعلي منگي کي ناپرڪوٽ پوليس ظاهر ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل پورهيت تي مبينا سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن ڪري پورهيت جي حالت خراب ٿي وئي، جنهن کي پوليس علاج لاءِ ڪرمپور اسپتال کڻي آئي، ان موقعي تي پورهيت دانهون ڪندي چيو ته بااثر وڏيرو گل حسن منگي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، زمين لکي نه ڏيڻ تان پوليس هٿان گرفتار ڪرائي تشدد ڪرايو آهي، هوڏانهن صحافين جي پهچڻ تي پوليس ڳوٺاڻي کي علاج ڪرائڻ بنا واپس کڻي وئي، رابطو ڪرڻ تي ڳوٺاڻي جي ڀاءُ رياض علي منگي چيو ته بااثر وڏيري ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا آهن، جنهن جو نوٽيس ورتو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل وڏيري گل حسن منگي جو چوڻ هو ته ڄاڻايل زمين منهنجي آهي، نياز منگي وارا ڪوڙا آهن، جيڪي منهنجي مٿان الزام هڻي رهيا آهن.