اسلام آباد: نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ يوٿ انٽرنشپ بابت تجويز آهي ته ايندڙ ٽن سالن تائين ڪنهن نوجوان يا نوجوانن تي مشتمل اَي او پي پاران شروع ٿيندڙ ڪاروبار مان ايندڙ آمدني تي ٽيڪس شرح ۾ 50 سيڪڙو رعايت ڏني وڃي. اها رعايت انفرادي يا اجتماعي صورت ۾ 20 لک رپين تائين ۽ ڪمپني جي صورت ۾ 50 لک رپين تائين هوندي. هن سهولت مان فائدو وٺڻ لاءِ ضروري هوندو ته ڪاروبار جي مالڪ جي عمر 30 سالن تائين هجي ۽ اهو ڪاروبار پهرين جولاءِ 2023ع يا ان کان پوءِ شروع ڪيو وڃي. هن ڪاروباري سرگرمين ۾ حصو وٺندڙ نوجوانن جي همٿ افزائي ۽ نوان بزنس آئِڊياز رکندڙ بزنس ليڊرز سامهون اچي سگهندا.  ان کان سواءِ وزيراعظم يوٿ پروگرام فار سمال لون تحت پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ رعايتي ريٽ تي قرض ڏنا ويندا، جنهن لاءِ 10 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزراعظم يوٿ اسڪل پروگرام تحت نوجوانن کي اسپيشلائيزڊ ٽريننگ ڏيڻ لاءِ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن.