اسلام آباد: حڪومت پاران سُپريم ڪورٽ جي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو واڌ جي تجويز، سُپريم ڪورٽ لاءِ 3 ارب 55 ڪروڙ 50 لک رپيا بجيٽ رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، سُپريم ڪورٽ جي ملازمن جا الائونس پگهار کان به وڌيڪ هجڻ جو اعتراف ڪيو ويو، ملازمن لاءِ پگهار جي مد ۾ 66 ڪروڙ 93 لک 50 هزار رپيا مختص، الائونس جي مد ۾ 2 ارب 17 ڪروڙ 6 لک رپيا رکيا ويا، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ملازمن جي پگهار سوڌو ٻين خرچن جي مد ۾ هڪ ارب 54 ڪروڙ رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي، بجيٽ ۾ وفاقي قانون وزارت لاءِ 16 ارب، 13 ڪروڙ 86 لک رپيا رکيا ويا، لا اينڊ جسٽس ڊويزن لاءِ 7 ارب 37 ڪروڙ 71 لک ۽ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي لاءِ 29 ڪروڙ رپيا رکڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي، وفاقي شرعي عدالت لاءِ 82 ڪروڙ، 70 لک ۽ نيب لاءِ 6 ارب 15 ڪروڙ رپيا رکيا ويا.