ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي وياجين کي گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ وڌ ۾ وڌ 10 سال ٽيپ ڏيڻ وارو بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، وياجين خلاف ڪيس پڻ  داخل ڪيا ويندا، ڪالهه اجلاس ۾ خانگي ماڻهن پاران وياج جو ڪاروبار ڪرڻ تي پابندي وارو حڪومتي بِل منظور ڪيو ويو، منظور ٿيل بِل موجب وياج لاءِ قرض ڏيندڙ ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري کين 3 کان 10 سال سزا ڏياري ويندي، بِل ۾ ڄاڻايل آهي ته گاڏيون ۽ ٻيون شيون قسطن تي وڌيڪ اگهه تي وڪرو ڪرڻ توڙي قرض تي وياج جي وصولي ڏوهه آهي. وياج  بابت شڪايت اچڻ جي  صورت ۾ ادا ڪيل وياج جي رقم واپس ڪرائي ويندي. بل ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته صوبي ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ مالياتي ادارن يعني بينڪن کانسواءِ خانگي ماڻهن پاران وياج تي قرض ڏيڻ، وڌيڪ قيمت تي ڪارون، يا ٻيون شيون وڪرو تي پابندي هوندي. ڪو به خانگي ماڻهو وياج وارو ڪاروبار نه ڪري سگهندو. جيڪو به ماڻهو وياج تي قرض ڏيندو يا وياج تي شيون وڪرو ڪندو ته اهو عمل ڏوهه ليکيو ويندو، انهي ڏوهه جي سزا 3 کان 5 سال قيد ٿيندي، ڏنڊ جي سزا به الڳ سان ڏني ويندي. اجلاس دوران  اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ ايوان ۾ مختلف ميمبرن جي پڇيل سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته هي ملڪ سکڻن نعرن سان نه پر عوامي مسئلا حل ڪرڻ سان ئي اڳتي وڌندو، ڪشمير جي ننڍي چونڊ ۾ پيپلزپارٽي پي ٽي آءِ کي تاريخي شڪست ڏئي ثابت ڪيو آهي ته ڪشمير جو ڪيس پيپلزپارٽي ئي دنيا ۾اجاگر ڪيو، پهريان ملتان ملير ۽ هاڻي ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي تاريخي فتح حاصل ڪئي آهي، هن چيو ته ٿرڪول جي رائلٽي ٿر جي ترقي تي خرچ ٿيندي، اسپيڪر آغا سراج دراني اڄ منجهند جو 3 وڳي بجيٽ پيش ڪرڻ جي رولنگ ڏئي اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو.