اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) راولپنڊي ڊويزن پنجاب اسيمبلي جي چونڊن لاءِ تياريون شروع ڪري ڇڏيون، ڊويزن سطح تي رابطا ڪاميٽيون جوڙيون ويون، تفصيل موجب مسلم ليگ (ن) راولپنڊي ڊويزن جي صدر ملڪ ابرار پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پارٽي قيادت جي هدايت تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊن جي لاءِ ڀرپور تياريون شروع ڪيون ويون آهن، ڊويزن جي سطح تي مسلم ليگ (ن) مانيٽرنگ سينٽر قائم ڪيا آهن، پنجاب ۾ ڀرپور طريقي سان چونڊن ۾ وڃي رهيا آهيون، ڊويزنل سطح تي ڪاميٽيون جوڙيون پيون وڃي، رابطا ڪاميٽيون به جوڙيون ويون آهن، هن چيو ته ڪراچي بلدياتي چونڊن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، پنجاب اسيمبلي جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن)ئي ڪامياب ٿيندي، هن چيو ته ميان نواز شڙيف جلد وطن واپس اچڻ جو فيصلو ڪندو.