گجرات(م ڊ) گجرات جي اسپتال جو نالو چوڌري ظهور الاهي جي نالي سان منسوب ڪرڻ تان جهيڙو ٿي پيو، هٿياربندن فائرنگ ڪئي. ڪالهه گجرات جي اسپتال جو نالو تبديل ڪري پرويز الاهي جي والد ظهور الاهي سان منسوب ڪرڻ تي ن ليگ جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ به پهچي ويا ۽ هنن نالو تبديل ڪرڻ نه ڏنو. ان تي پرويز الاهي جي پٽ ۽ سندس حامين جو حملو ڪري ڏنو، هنن فائرنگ ڪئي ۽ ماڻهن کي ڌڪا ڏنا جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن، ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته اسپتال لاءِ زمين اسان فراهم ڪئي چوڌي ظهور الاهي جو نالو ڏيڻ زيادتي آهي. ق ليگ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي قيادت منصوبي ۾ رنڊڪون وڌيون عوام کان سهولت کسي وئي آهي.