ڪراچي(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مڪاني چونڊن جي نتيجن تي جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته ثابت ٿي ويو ته پ پ سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن علائقن جي وڏي پارٽي آهي. هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام جو ٿورائتو آهيان جنهن پ پ اميدوارن کي ووٽ ڏئي چونڊ ڪيو. پيپلز پارٽي وفاق جي زنجير آهي. ڪراچي مان پ پ جي سوڀ پوري ملڪ جي فتح آهي. سمورين سياسي پارٽين سان ملي ڪم ڪرڻ عوام جي خوشحالي جو سبب بڻجندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عوام پيپلز پارٽي اميدوارن جي چونڊ ڪري سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي عوام نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.