اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم جي آرمي چيف مقرري لاءِ نواز شريف سان مشاورت واري مامري تي پي ٽي آءِ عدالت سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، نامعلوم نمبرن تي فون ڪري ڪارڪنن کي هراسان ڪرڻ جو مامرو به عدالت کڻي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو، تفصيل موجب تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي سينيئر قيادت ۽ معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اسد عمر، فواد چوڌري، شيرين مزاري، شوڪت ترين ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اجلاس دوران اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين ملڪي معيشت جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين جي سربراهي ۾ سياسي ۽ معاشي ماهرن تي ٻڌل ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن کي ڪجهه ڏينهن اندر حڪومت جي تبديلي کان پوءِ معاشي صورتحال بابت عمران خان کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪاميٽي توانائي، صنعت سوڌو 17 شعبن جي ماهرن کان خدمتون حاصل ڪندي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو ته مستحڪم ۽ ترقي ڪندڙ معيشت کي بيروني سازش ذريعي تباهي جي ڪناري آندو ويو آهي، ملڪ کي سياسي عدم استحڪام جو شڪار ڪري بنا تياري جي نااهل ۽ نالائق ٽولي کي مسلط ڪيو ويو، ڏيوالي جي ڪناري تي پهتل معيشت کي ساڍن ٽن سالن ۾ استحڪام طرف آڻڻ واري محنت کي هفتن ۾ برباد ڪيو ويو آهي، اڄ عوام جو وڏو حصو بدترين مهانگائي، بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي نظر ٿي ويو آهي، تحريڪ انصاف معيشت جي بحالي جو مڪمل روڊ ميپ تيار ڪندي، غريبن کي بچائڻ لاءِ سوچ ويچار ڪندي، ملڪ کي معاشي ڌٻڻ مان ڪڍڻ لاءِ واحد رستو فوري شفاف چونڊون آهن. جڏهن ته ان اجلاس کان پوءِ عمران خان جي صدارت ۾ پي ٽي آءِ جي قانوني ڪاميٽي جو به اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ نواز شريف ۽ اسحاق ڊار سان ملاقات کي اشتهاري مجرمن سان ملاقات ۽ وزيراعظم جي حلف جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آرمي چيف جي مقرري جي عمل ۾ نواز شريف سان ملاقات آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي آهي، ان حوالي سان ڀرپور قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ لاءِ گمنام نمبرن تان ايندڙ فون ڪالن واري مامري تي به عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو ويو، شهباز گل مٿان حراست ۾ تشدد جي ڪيس کي به منتقي انجام تائين پهچائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي نائب صدر فواد چوڌري پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اشتهار مجرمن سان ملاقات ۽ اهم ترين رياستي مامرن تي انهن مشاورت ڪرڻ جو عمل نهايت ڳڻتي جوڳو ۽ قابل گرفت عمل آهي، شهباز شريف جي ڪابينا جا ميمبر آرمي چيف جي مقرري جي مامري ۾ نواز شريف جي ڪردار جي مسلسل نشاندهي ڪري رهيا آهن، تحريڪ انصاف ان ملاقات ۽ ان جي مامرن کي ڀرپور انداز ۾ عدالت سامهون رکندي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي گمنام نمبرن تان ايندڙ فونن جي تفصيلي ڊيٽا گڏ ڪري رهيا آهيون، ان حوالي سان به قانوني ڪارروائي ڪنداسين، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ آئين ۽ قانون کان انحراف واقعن تي فوري ٻڌڻي جو بندوبست ڪندي، انصاف جي حاصلات لاءِ قوم جون اميدون سپريم ڪورٽ مان وابستا آهن.